آر. بي. سارنگ

آر. بي. سارنگ

آر بي سارنگ

آر. بي. سارنگ: دمشھور ليکڪ ۽ صحافي آر. بي. سارنگ پھرين جولاءِ 1970ع تي، ٽنڊي محم خان جي ڳوٺ سعيد متو ۾، محمد سومار سٺيي جي گهر ۾ ڄائو. سندس اصل نالو رسول بخش سٺيو آهي. هن ايم. اي (اڪنامڪس) ۽ ايم. اي (انگلش) سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي. 1988ع ۾ ’سنڌ‘ اخبار کان صحافت جي شروعات ڪئي. ان کانسواءِ ”آفتاب“، ”عبرت مئگزين“، ”هزار داستان“ (ماهوار) ۽ ”سنڌو“ (هفتيوار) ۾ پڻ ڪم ڪيو. 1991ع کان 1994ع تائين هفتيوار ”سنڌو“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ بعد ۾ ايڊيٽر رهيو. آر. بي. سارنگ ’عبرت گروپ آف پبليڪيشن‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر پڻ رهيو. 1996ع ۾ ٽنڊي محمد خان مان ’بوند‘ نالي ماهوار رسالو جاري ڪيو. 2005ع کان خان يونيورسٽي'>آغا خان يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ سينئر مئنيجر ڪميونيڪيشنز طور ڪم ڪري رهيو آهي، سندس ڪالم ۽ مضمون مختلف سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.07.01  عيسوي

دمشھور ليکڪ ۽ صحافي آر. بي. سارنگ پھرين جولاءِ 1970ع تي، ٽنڊي محم خان جي ڳوٺ سعيد متو ۾، محمد سومار سٺيي جي گهر ۾ ڄائو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گلڻ خان ڀنڊ
الياس شاڪر
علاؤ الدين نيازي شيخ
آچر خاصخيلي
جعفر ميمڻ
خاصخيلي جان
عبدالله ميمڻ
اسلم خواجا
لائق سنڌي ٿيٻو
شيخ نظر محمد بسمل
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون